امتياز قاضي

امتياز قاضي

امتياز قاضي

امتياز قاضي: مشھور ادب نواز ۽ علم دوست آفيسر قاضي امتياز ولد قاضي سچيڏنو (ڊپٽي ڪمشنر)، 2 جنوري 1953ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. سندس تعلق خيرپور ميرس جي ”هوت“ بلوچ خاندان سان آهي. ٽالپرن جي دؤر ۾، سندس وڏن کي ”فتويٰ“ ۽ ”قضا“ جي خدمت سبب ”قاضيءَ“ جو لقب مليو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ۽ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ گرئجوئيشن’سينٽ پئٽرڪ‘ ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي ڪيائين. اتي ئي ٻن سالن کان مٿي انٽرنئشنل رليشنس ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچررشپ دوران سي. ايس. ايس جو امتحان نمايان پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. 1980ع ڌاري اسسٽنٽ ڪمشنر هالا مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، لس ٻيلي ۽ ڪراچي اِيسٽ ۾ ڊپٽي ڪمشنر رهيو. ڪجهه عرصو واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ زراعت ۽ خوراڪ جو قانصلر به رهيو. اهڙيءَ طرح ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ مختلف اعليٰ انتظامي عھدن تي رهڻ کان پوءِ 1996ع ۾ ميرپورخاص ڊويزن جو ڪمشنر مقرر ٿيو. نومبر 1999ع کان مئي 2001ع تائين حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر رهيو ۽ پوءِ خيرپور ميرس جو D.C.O مقرر ڪيو ويو. ان کان سواءِ صوبائي سيڪريٽري آبپاشي ۽ انڊسٽريز ۽ بعد ۾ وفاقي وزارت داخلا ۾ ائڊيشنل سيڪريٽري ۽ ايڊيوڪيشن، پاڻي ۽ بجلي ۽ محتسب وزارت جو وفاقي سيڪريٽري ٿي رهيو آهي. رٽائرمينٽ کان پوءِ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميمبر جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنائين. 1967ع کان ”خيام“ تخلص سان شاعري به ڪيائين ۽ علمي ادبي سرگرمين جي سرپرستيءَ ۾ هميشه متحرڪ رهيو..


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.01.02  عيسوي

امتياز قاضي ، 2 جنوري 1953ع تي ، جيڪب آباد ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شنبو امير
ڄام ڪارائڙو
پرڀداس برهمچاري
تراب لاڙڪاڻوي
عبدالسلام ڊاڪٽر
حسني مبارڪ
شرمين عبيد چناءِ
صوفي لعل بخش ڪانڌڙو
پاٽائي شيخ مبارڪ
طارق خشڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون